رمضان بلوچ

رمضان بلوچ

رمضان بلوچ

رمضان بلوچ: اديب، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن رمضان بلوچ 4 آگسٽ 1944ع تي ڪراچيءَ جي پراڻي وسندي شاهه بيگ لين لياري ۾ پيدا ٿيو. بي. اي جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. شاگردي واري دؤر کان ئي لياري جي تعليمي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مصروف رهندي، لياري اسٽوڊنٽس ويلفيئر ائسوسيئيشن جو صدر رهيو. ان دؤران هن لياريءَ ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ وڏي پئماني تي سجاڳي مُھم شروع ڪئي. 1973ع ۾ ٽائون ڪميٽي راڻيپور (خيرپور ميرس) جو ائڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ سندس بدلي ڪراچيءَ ۾ ٿي. ٽيھه سال بلدياتي اداري ۾ ملازمت ڪرڻ کان پوءِ 2004ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. 2007ع ۾ ٽائون ميونسپل ائڊمنسٽريشن لياريءَ ۾ ڪنسلٽنٽ ۽ ’صداءِ لياري’ مخزن جو چيف ايڊيٽر مقرر ٿيو. سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. سندس ڪتاب ‘لياري ڪي اڌوري ڪھاني’، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ 2015ع ۾ شايع ٿيو. 2017ع ۾ ساڳيو ڪتاب، اضافي مواد سميت ‘لياري ڪي ان ڪھي ڪھاني’ جي نالي سان شايع ڪيو ويو. سندس ڇپيل ٻين ڪتابن ۾: ‘بلوچ روشن چھري’ (2019ع) ۽ ‘گوادر: اڀرتي ڊوبتي سورج ڪي ڪھاني’ (2021ع) شامل آهن.


لفظ رمضان بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.08.04  عيسوي

اديب، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن رمضان بلوچ 4 آگسٽ 1944ع تي ڪراچيءَ جي پراڻي وسندي شاهه بيگ لين لياري ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيراني خواجه محڪم الدين
پليجو عبدالرحمان
رئيس بروهي
حسني قادري حاجي شاهه جيلاني
حڪيم محمد عمر لاکو
توتان خان نوحاڻي بلوچ
ڌرم ڪمار تولاڻي
حسين بخش ملاح
الاهي بخش خميساڻي جسٽس
درس عليم فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون